خدايار خاني ميان سرفراز خان عباسي

خدايار خاني ميان سرفراز خان عباسي (ڪتاب): هي ڪتاب ڪلهوڙا حڪمرانن مان ميان سرفراز خان عباسي ڪلهوڙي جي سوانح حيات تي مشتمل آهي. ڪتاب جو مصنف سنڌ جو نامور محقق، تاريخدان ۽ شاعر ميرزا عباس علي بيگ آهي. مصنف ڪتاب ۾ ڪلهوڙن جي حسب نسب ۽ اوائلي تاريخ کان سواءِ ڪلهوڙن جي سڀني حاڪمن جو مفصل احوال پڻ لکيو آهي، ان کانسواءِ ڪلهوڙن جو نسب نامو، ميان سرفراز خان جي ولادت، ميان سرفراز جي تخت نشيني، واليءَ قلات جو عهد نامو، ڪڇ تي حملو، انشائي عطارد، ملڪي سڌارا، مذهبي رواداري، ٽالپورن جو احوال، راڄو ليکي، مير بهرام خان ٽالپر ۽ ان جي پٽ مير صوبدار خان جو قتل، ديوان کرومل، مير بجار خان، ميان سرفراز جو قيد ٿيڻ، ميان محمود جو حاڪم ٿيڻ ۽ جلد معزول ٿيڻ، ميان غلام نبيءَ جو حاڪم ٿيڻ، راڄو ليکيءَ جو خودڪشي ڪرڻ، ميان غلام نبيءَ جو مارجڻ، ميان عبدالنبيءَ جو تخت تي ويهڻ ۽ ميان سرفراز خان کي پٽ ڀاءُ سميت حيدرآباد جي قلعي ۾ وڏي بيدرديءَ سان قتل ڪرائڻ، ميان سرفراز جي شاعري، ميان سرفراز خان جي درٻاري شعرن بابت احوال ۽ آخر ۾ حواشي ۾ تاريخي واقعا قلمبند ٿيل آهن. ڪتاب ۾ ناياب تصويرون جن ۾ ميان سرفراز خان جي مُهر، ميان سرفراز خان جو هٿ اکرن وارو فرمان، حضرت علي عليه السلام جي لکيل قرآن پاڪ جو نسخو وغيره شامل آهن. ميان سرفراز، مير بهرام ۽ مير صوبدار جو لکيل عهد نامو، مير بهرام خان ۽ مير صوبدار خان جي چؤکنڊي، ميان غلام شاهه جو مقبرو، حيدرآباد جي پڪي قلعي جي قديم تصوير، راڄو ليکي ۽ تاجو ليکيءَ جا قبا ۽ ڪجهه قلمي ڪتابن جا عڪس موجود آهن. ڪتاب ۾ ’ناشر طرفان‘ عنوان ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا لکي ٿو ته، ”ميرزا عباس علي بيگ هڪ اهڙو عالم آهي، جنهن کي ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دؤر جا واقعات برزبان ياد آهن ۽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ اهي واقعات ٻڌائيندي ٿڪبو ئي نه آهي.“ ڊيمي سائيز ۾ 200 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي طرفان 1980ع ۾ شايع ٿيو جنهن جي قيمت 17 روپيا ڄاڻايل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو